پرسيا وشان

پرسيا وشان: هن گاهه کي لاطينيءَ ۾'Adiantum Capillus' ، عربيءَ ۾ شدالارض، فارسي ۽ اردو ۾ پرسياؤ شان، سنسڪرت ۾ چتراپدا، پنجابيءَ ۾ کوه بوٽي، ڪشميريءَ ۾ دم تولي، هندي ۾ هنسراج، بنگاليءَ ۾ گوپاءِ لتا ۽ گجراتيءَ ۾ هنس بدي سڏيو ويندو آهي. هن جا پن ڳاڙهاڻ مائل ٽامي جي ڪلر جھڙا ٿين ٿا. پن ننڍڙا ٿين ٿا، جن ۾ شڪل سڪڻ کان پوءِ به تبديل نه ٿيندي آهي. هن جون ٽاريون ڪاراڻ مائل هونديون آهن. ڪشـميــر، مري، ايران ۽ پاڙيسـري ملڪن ۾ عـام جـام ٿئي ٿو. گھڻو ڪري اهو سمجھيو وڃي ٿو ته هي سنڌ ۾ نٿو ٿئي، پر ڪجهه هنڌن تي سنڌ ۾ به ملي ٿو. جيڪڏهن سنڌ ۾ هن جي پوک ڪئي وڃي ته تمام گھڻي ٿيندي. هي وکر طبيبن جي ڪم اچي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو